نوشهرو فيروز(ن سنڌيار)پورهيت شگر بيماري سبب ٽنگ ڪٽرائڻ کانپوءِ معذور ۽ لاچار ويل چيئر اَٽي وٺي ڏيڻ جو مطالبو رپورٽ موجب شگر ۽ ٻين بيمارين ۾ بستري تي پيل معذور محبوب پيرزادو سرندي وارن کي اٽي ۽ ويل چيئر وٺي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آھي ۽ سندن چوڻ آھي ته ٻچڙن جي زندگي گذارڻ تمام مشڪل ٿي ويئي آھي ٻچڙا ننڍا آھن ڪمائي جو ذريعو ناهي واضح ھجي ته محبوب پيرزادو ڊبل روٽيون، برگر، ٽڪي جو بهترين ڪاريگر هو ۽ شهر جي هڪ چوڪ تي ٺاهڻ وقت محبوب پيرزادي جي گاڏي آڏو وڏي رش ھوندي هئي شگر جي بيماري جي ڪري هڪ ڄنگهه ڪٽجڻ کانپوءِ سخت لاچار ٿي پيو آهي نوشھرو فيروز جي سياسي سماجي ۽ ساڃاهه وندن کي هن پورهيت جي سار لهڻ جي اپيل ڪجي ٿي










