شڪيب الحسن ڪاوڙ ۾ اچي ويو، مداح تي تشدد

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ)بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جو مشهور آل رائونڊر شڪيب الحسن اڪثر ڪري گرائونڊ تي پنهنجي ڪارڪردگي سبب خبرن ۾ هوندو آهي پر هن ڀيري گرائونڊ کان ٻاهر پنهنجي رويي سبب خبرن ۾ آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب ون ڊي ۽ ٽي 20 فارميٽ ۾ آل رائونڊرز جي رينڪنگ ۾ پهرين نمبر تي موجود شڪيب الحسن کي هڪ تقريب دوران مداحن گهرايو جنهن کانپوءِ هو ڪاوڙ تي قابو نه رکي سگهيو.رپورٽن مطابق شڪيب الحسن تازو ئي بنگلاديش جي شهر چٽوگرام ۾ هڪ تقريب ۾ شرڪت لاءِ ويو هو، جتي مداحن جو وڏو انگ سندس هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ پهچي ويو.ان موقعي تي شڪيب الحسن هڪ شخص کي پنهنجي ڪيپ سان 3 ڀيرا ڌڪ هنيو جنهن بعد کيس روانو ڪيو ويو.رپورٽن مطابق ميڙ ۾ موجود هڪ شخص شڪيب الحسن جي ڪيپ هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي ڪرڪيٽر ناراض ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو