شڪارپور ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،هڪ ڄڻو قتل،2 زخمي

شڪارپور ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،هڪ ڄڻو قتل،2 زخمي

شڪارپور (ن س) شڪارپور ڀرسان سندراڻي ۽ بروهي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي خوني تڪرار تان جهيڙو بروهي برادري جي هٿياربندن گوليون هڻي سندراڻي برادري جي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏهڪاء پکيڙجي ويو، مقتول جو لاش ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين واقعي واري هنڌ پيل رهيو، پوليس دير سان کڻائي سول اسپتال شڪارپور پهچايو، ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، تفصيل موجب: شڪارپور ڀرسان ڪرن ٿاڻي جي حد ڳوٺ شادي خان سندراڻي ۾ بروهي ۽ سندراڻي برادري جي واحد بخش بروھي ۽ نور احمد سندراڻي جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي خوني تڪرار تان بروهي برادري جي هٿياربندن سندراڻين جي گهر مٿان چڙهائي ڪري فائرنگ ڪري ڏني جنهنجي نتيجي ۾ سندراڻي برادري جو اڌڙوٽ نوجوان غلام اڪبر پٽ رانجهن سندراڻي گوليون لڳڻ سبب ٿڏي تي قتل ٿي ويو، فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏهڪاء پکيڙجي ويو، ماڻهون گهرن تائين محدود ٿي ويا، واقعي بعد جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا جنهن بعد ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين لاش واقعي واري هنڌ تي پيل رهيو، ٻئي پاسي واقعي جي اطلاع ملڻ تي ڪيترن ئي ڪلاڪن بعد ڪرن ٿاڻي جي پوليس پهچي لاش کڻائي سول اسپتال شڪارپور پهچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو, هوڏانهن رابطو ڪرڻ ڪرن ٿاڻي جي ايس ايڇ او حضور بخش جوڻيجو صحافين کي ٻڌايوته واقعو پراڻي دشمني تان پيش آيو آهي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون ۽ وارثن جي مرضي موجب ڪيس داخل ڪري جوابدار گرفتار ڪيا ويندا، هوڏانهن ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر عمران واقعي جو نوٽيس وٺڻ جو بيان جاري ڪيو پر آخري اطلاعن تائين پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي هئي ۽ نه واقعي جو پڻ ڪيس داخل ٿي سگهيو هو، ياد رهي ته ڪجھ وقت ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربند ڦورن هٿان هڪ قتل ٿيو هو جنهن تان ڌرين ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي هئي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو