شڪارپور (ن س) پوليس ۽ رينجرز جو گڏيل آپريشن، مقابلي دوران ٽي بدنام ڏوهاري مارجي ويا، ٽي زخمي، اغوا ٿيل اهلڪار کي بازياب ڪرائي ورتو ويو، جڏهن ته هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو. شڪارپور ۾ پوليس ۽ رينجرز پاران مختلف هنڌن تي ٿيل مبينا مقابلي دوران ٽي بدنام ڏوهاري مارجي ويا، ٽي زخمي ٿيا، جڏهن ته اغوا ٿيل پوليس اهلڪار کي بحفاظت بازياب ڪرائي ورتو ويو آهي. ڪارروائي دوران ڏوهارين جي فائرنگ ۾ هڪ اهلڪار زخمي ٿيو، جڏهن ته علائقي ۾ سرچ آپريشن ۽ ناڪابندي جاري آهي. تفصيل موجب: شڪارپور جي ٿاڻي اسٽورٽ گنج جي حد قاضي پمپ وٽ شر لاڙُو واري هنڌ پوليس کي اطلاع ملي ته ڪجهه ڏوهاري موجود آهن ۽ رابري جي ارادي سان بيٺل آهن. ان اطلاع تي اسٽورٽ گنج، نيو فوجداري ۽ لکي در جي ايس ايچ اوز وڏي نفري سان واقعي واري هنڌ پهتا. پوليس موجب اَٺ هٿياربند ڏوهاري روڊ ڪناري بيٺل هئا. پوليس کي ڏسندي ئي ڏوهارين مختلف پاسن کان اندهاڌند فائرنگ شروع ڪري ڇڏي. پوليس جي جوابي فائرنگ دوران هڪ ڏوهاري پنهنجي ئي ساٿي جي گولي لڳڻ سبب مارجي ويو، جنهن جي سڃاڻپ شهزور ڪمالاڻي جتوئي جي نالي سان ٿي. پوليس موجب مارجي ويل ڏوهاري شهيد پوليس اهلڪار مير محمد ميمڻ جي شهادت، ايم پي اي غالب ڊومڪي تي حملي، اقدام قتل، ڌاڙن، اغوا ۽ ٻين سنگين وارداتن ۾ گھربل هو. جوابدار وٽان ڪلاشنڪوف، ميگزين ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون، لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو. فرار ٿيندڙ ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ خاص ٽيمون جوڙيون ويون آهن. ٻي طرف، مارجي ويل ڏوهاري جي ساٿين مبينا بدلي طور شڪارپور جي رستم پوليس چيڪ پوسٽ تي حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار زاهد علي شاهه زخمي ٿيو، جڏهن ته ٻيو اهلڪار واجد جونيجو کي ڏوهاري پاڻ سان اغوا ڪري ويا. ان کانپوءِ ڏوهارين سوشل ميڊيا تي وڊيو جاري ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو ته “منهنجي ڀاءُ کي قتل ڪيو ويو، جيڪڏهن لاش نه مليو ته مغوي اهلڪار کي قتل ڪندس.” ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي پوليس ۽ رينجرز گڏيل آپريشن جي شروعات ڪئي، جيڪو ڳوٺ سلطان ڪمالاڻي ۾ شهزور ڪمالاڻي جتوئي گينگ خلاف ڪيو ويو. ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ ۽ رينجرز ونگ ڪمانڊر جي اڳواڻي هيٺ ٿيندڙ هن آپريشن دوران پوليس تي ڪيترن ئي پاسن کان شديد فائرنگ ڪئي وئي، پر پوليس گهيرو تنگ ڪندي ٻن ڏوهارين يارو ڪمالاڻي جتوئي ۽ ڀاڳيو ڪمالاڻي جتوئي کي مارڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي، جڏهن ته ٽي ڏوهاري زخمي ٿيا. پوليس موجب مارجي ويل ڏوهاري قتل، ڌاڙن، اغوا ۽ ٻين سنگين ڏوهن ۾ رڪارڊ يافته هئا. زخمي ۽ هڪ مارجي ويل ڏوهاري کي سندن ساٿي پاڻ سان فرار ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پوليس اغوا ٿيل اهلڪار واجد جوڻيجو کي بحفاظت بازياب ڪرائي ورتو، جنهن کي وڏي ڪاميابي قرار ڏنو پيو وڃي. ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ جو چوڻ آهي ته پوليس تي حملو ڪندڙ ڏوهاري قانون جي گرفت کان بچي نه سگهندا. ڪچي جي بدنام ڏوهارين خلاف آپريشن جاري رهندو ۽ پوليس ڪنهن به حالت ۾ عوام جي جان و مال جي حفاظت تان پٺتي نه هٽندي. واقعي واري هنڌ اڃا تائين پوليس جي وڏي نفري موجود آهي، جڏهن ته فرار ٿيل ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن ۽ ناڪابندي جاري آهي.










