شيعه علماء ڪائونسل پاران اسرائيل جارحيت خلاف احتجاج

شيعه علماء ڪائونسل پاران اسرائيل جارحيت خلاف احتجاج

جوھي (ن سنڌيار  ) جوهي شيعه علماء ڪائونسل تعلقه جوھي طرفان ضلع دادو جي ايڊيشنل سيڪريٽري صيفل جمالي , تعلقه صدر مولوي ظفر علي لغاري , جنرل سيڪريٽري دين محمد لغاري جي اڳواڻي ۾ فلسطيني مسلمانن جي حق ۾ اسرائيل جارحيت خلاف الحسيني مسجد کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي , جيڪا شھر جي مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب جوھي پھتي , جتي مظاھرين ھٿن ۾ تنظيمي جھنڊا کڻي اسرائيل خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي , ان موقعي تي شيعه علماء ڪائونسل تعلقه جوھي جي اڳواڻن صيفل جمالي , مولوي ظفر علي لغاري , دين محمد لغاري سميت ٻين چيو ته سامراجي سازش تحت فلسطين مٿان اسرائيل جي دھشتگردي سبب سڄي دنيا جي مسلمانن جي دل آزاري ڪئي وئي آھي , اسرائيل ۽ سندس ساٿاري ملڪن جيڪا فلسطين ۾ وحشيت درندگي ۽ سفاڪي ڦھلائي فلسطين جي مظلوم مسلمانن جو ناحق خون وھايو پيو وڃي , ان عمل کي روڪ جي ضرورت آھي , ھنن چيو ته افسوس آھي جو اقوام متحده يورپين يونين سميت جھموريت جا دعويدار ملڪ ۽ انساني حقن جون عالمي تنظيمون خاموش تماشائي بڻيل آھن , آخر ۾ ھنن اقوام متحده , يورپين يونين ۽ انساني حقن جي عالمي تنظيمن کان مطالبو ڪندي چيو ته فلسطيني مسلمانن مٿان اسرائيل جي ظلم کي فوري طور تي بند ڪرايو وڃي , ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو