اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هائيڪورٽ وفاقي گاديءَ واري شهر (دارالحڪومت) ۾ شيشه ڪيفيز جي وڌندڙ انگ ۽ ايڊز توڙي ايڇ آءِ وي (HIV) جي مريضن ۾ اضافي بابت درخواست تي ڊپٽي ڪشنر اسلام آباد ۽ آءِ جي اسلام آباد پوليس کي ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي.چيف جسٽس محمد سرفراز ڊوگر شهري عبدالجبار جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، درخواستگذار پاران وڪيل محمد سهيل خورشيد عدالت ۾ پيش ٿيو.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس سوال ڪيو ته “شيشه ڪيفيز جا تفصيل طلب ڪرڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي؟”ان تي درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته اسلام آباد ۾ اين او سي (NOC) سان گڏ ۽ بغير اين او سي جي ڪيتريون ئي شيشه ڪيفيز قائم آهن، جتي شام کان وٺي رات دير تائين، بلڪه صبح تائين پارٽيون جاري رهنديون آهن. وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته صحت واري وزير جي بيان موجب رات دير تائين جاري رهندڙ پارٽين سبب ايڊز ۽ ايڇ آءِ وي جي ڪيسن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. هن استدعا ڪئي ته عدالت شيشه ڪيفيز جا مڪمل تفصيل طلب ڪري ۽ قانونن توڙي ضابطن جي خلاف ورزي ڪندڙ ڪيفيز خلاف ڪارروائي جي طريقيڪار کان پڻ آگاهه ڪيو وڃي. عدالت چيف ڪشنر، ڊپٽي ڪشنر اسلام آباد ۽ آءِ جي اسلام آباد پوليس کي نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي جواب طلب ڪري ورتو، جڏهن ته ڊپٽي ڪشنر ۽ آءِ جي کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو پڻ حڪم ڏنو. جنهن کانپوءِ ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪئي وئي.










