اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري ۽ سينيٽر فلڪ ناز کي ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو.اسلام آباد جي ضلعي ۽ سيشن عدالتن جي جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ شيرين مزاري ۽ فلڪناز کي پيش ڪيو ويو.پي ٽي آءِ جي عورت اڳواڻن کي ترنول ٿاڻي تي قتل جي ڪوشش ۽ هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي الزامن تحت داخل ڪيس ۾ پيش ڪيو ويو.عدالت شيرين مزاري ۽ فلڪناز کي ڪيس مان بري ڪندي کين گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت شيرين مزاري ۽ سينيٽر فلڪناز خلاف داخل ڪيسن جا تفصيل به پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.










