شيخ ڀرڪيو واسي ڦڦڙن جي مرض ۾ مبتلا،مدد جي اپيل

شيخ ڀرڪيو واسي ڦڦڙن جي مرض ۾ مبتلا،مدد جي اپيل

ٽنڊو محمد خان (ن سنڌيار)شيخ ڀرڪيو ڀرسان ڳوٺ جمالي پڪي جو رهواسي پورهيت مرتضي ماڇي ڦڦڙن جي بيماري سبب بستري ڀيڙو واهر جي اپيل خبر موجب شيخ ڀرڪيو ڀرسان ڳوٺ جمالي پڪي جو رهواسي 30ورهين جو نوجوان مرتضي ماڇي ڦڦڙن جي بيماري سبب گذريل هڪ سال بستري ڀيڙو ٿيل آهي پورهيت جي وارثن ڀاء دودو ماڇي امڙ سگهڙ ماڇي دانهيندي چيو ته نوجوان گهر جو اڪيلو ڪمائيندڙ آهي بيماري سبب هڪ سال کان بستري ڀيڙو پيل آهي نوجوان کي ٽن نياڻن جو اولاد آهي گهر ۾ جيڪو ڪجه هو سڀ نوجوان جي علاج تي خرچ ڪري ڇڏيو آهي پر سندس طبعيت ۾ ڪوبه سڌارو ناهي آيو هنن چيو ته هاڻ هنن وٽ نه ئي علاج جا پئسا ۽ نه وري کاڌي پيتي لاء ڪجه آهي جنهنڪري سندس ٻچڙا فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن هنن تڪ جي چونڊيل نمائندن ايم اين اي نويد قمر ايم پي اي اعجاز شاه بخاري توڙي وس وارن ۽ اعلي اختيارن کان گهر ڪئي ته هنن جي نوجوان جو علاج ڪرائي سندس زندگي بچائي وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو