دبئي (ويب ڊيسڪ)شيخ محمد بن زيد النهيان گڏيل عرب امارات جو صدر چونڊجي ويو آهي.خليجي ميڊيا موجب گڏيل عرب امارتن جي سپريم ڪائونسل شيخ محمد بن زيد النهيان جي صدر چونڊجڻ جو اعلان ڪيو آهي شيخ محمد بن زيد النهيان، 61، گڏيل عرب امارات جو ٽيون صدر آهي جيڪو پنجن سالن جي مدت لاءِ چونڊيو ويو آهي، خليفي بن زيد النهيان جي وفات کانپوءِ،شيخ محمد بن زيد النهيان 2004 کان ابوظهبي جو ولي عهد آهي ۽ ابوظهبي جو 17 هون حڪمران هوندو،شيخ محمد يو اي اي آرمڊ فورسز جو ڊپٽي سپريم ڪمانڊر پڻ رهي چڪو آهي.
