سرگوڌا(ويب ڊيسڪ) ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد تي انڊن سان حملو ڪيو ويو پر هو محفوظ رهيو. هو ريل گاڏي ۾ سرگوڌا پهتو ته جنهن بوگي ۾ هو سوار هو ان تي هڪ نوجوان انڊن سان حملو ڪيو. پوليس نوجوان کي گرفتار ڪري ورتو آهي پر شيخ رشيد بعد ۾ ڊپ وچان ٻاهر نه آيو. هن کي پروگرام موجب ميڊيا سان ڳالهائڻو هو پر هن ڪجهه صحافين کي پنهنجي سيلون ۾ گهرائي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ اڳتي روانو ٿي ويو. ياد رهي ته هن گذريل ڏينهن مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي جي قيادت خلاف بيان ڏنو هو.










