شيخ رشيد پاران نگران وڏي وزير جي مقرري خلاف درخواست داخل

شيخ رشيد پاران نگران وڏي وزير جي مقرري خلاف درخواست داخل

لاهور(ويب ڊيسڪ)عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد پنجاب جي نگران وڏي وزير جي مقرري خلاف درخواست داخل ڪري ڇڏي.لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته نگران وڏي وزير جي مقرري بدانتظامي جي بنياد تي ڪئي وئي آهي.درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته اعتراضن باوجود محسن نقوي کي مقرر ڪيو ويو.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته مقرري سياسي پارٽي کي فائدو پهچائڻ لاءِ ڪئي وئي.درخواست ۾ عدالت کي استدعا ڪئي وئي آهي ته نگران وڏي وزير جي مقرري کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.شيخ رشيد طرفان ايڊووڪيٽ اظهر صديق درخواست داخل ڪئي، جنهن ۾ حڪومت، اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي ۽ حمزه شهباز کي ڌر بڻايو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو