اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عوامي مسلم ليگ سربراهه شيخ رشيد ضمانت لاءِ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو.اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد جون ضمانت واريون درخواستون مئجسٽريٽ اينڊ سيشن ڪورٽ رد ڪري ڇڏيون، جنهن بعد هن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪئي آهي.شيخ رشيد طرفان داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته آصف زرداري خلاف بيان ڏيڻ تي منهنجي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، سياسي انتقام جو نشانو بڻائڻ لاءِ ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، آصف زرداري ڪا به شڪايت ناهي ڪئي، ٽين ڌر شڪايت جو ڪيس ٺاهيو. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته مان جيل ۾ آهيان، هاڻي پوليس کي وڌيڪ جاچ لاءِ منهنجي ضرورت ناهي، دستاويز جمع ڪرائڻ لاءِ تيار آهيان، تنهن ڪري ضمانت ڏني وڃي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ شيخ رشيد جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي 13 فيبروري تي ٿيندي.










