شيخ رشيد جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور

شيخ رشيد جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت آصف علي زرداري کي قتل ڪرڻ جي سازش ڪيس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي.شيخ رشيد جو وڪيل سردار شهباز جڊيشل مئجسٽريٽ عباس شاهه جي عدالت ۾ پيش ٿيو.شيخ رشيد طرفان اڄ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي وئي.جنهن بعد شيخ رشيد خلاف فرد جرم لاڳو ڪندي ٻڌڻي 10 جولاءِ تائين ملتوي ڪئي وئي.جوابدارن جي وڪيل سردار شهباز دليل ڏيندي چيو ته پوليس شيخ رشيد جي گرفتاري لاءِ به سرگرم آهي، هو ضمانت تي آهي ۽ ڪنهن به ڪيس ۾ گهربل ناهي.وڪيل سردار شهباز استدعا ڪئي ته شيخ رشيد موجوده صورتحال ۾ پيش نٿو ٿي سگهي، تنهن ڪري حاضري کان ڇوٽ ڏني وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو