راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد جيل مان اين اي 62 جي ريٽرننگ آفيسر کي خط لکي ڇڏيو.شيخ رشيد آر او کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته مهرباني ڪري منهنجي پارٽي کي قلم جو نشان ڏيو، مان اين اي 62 تان عوامي مسلم ليگ جو اميدوار آهيان ۽ پاڻ کي پيش ڪرڻ چاهيان ٿو.شيخ رشيد پنهنجي خط ۾ چيو آهي ته منهنجي خلاف سياسي بنيادن تي ڪيس داخل ڪيا ويا، ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ جيل ملي ڀڳت ڪري مون کي جاچ ۾ شامل ٿيڻ کان روڪيو، مون ملڪ ۾ صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ بيان ڏنو آهي.اڳوڻي وزير خط ۾ وڌيڪ چيو ته هو 16 ڀيرا وزير رهيو، لال حويلي منهنجي نه پر شيخ صديق جي ملڪيت آهي.










