شوبز کي ڇڏڻ بعد ايمن سليم جي ٻيهر دبنگ انٽري

شوبز کي ڇڏڻ بعد ايمن سليم جي ٻيهر دبنگ انٽري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ايمن سليم جيڪو گذريل سال رمضان اسپيشل ڊرامي ”چپڪي چپڪي“ ذريعي شهرت ماڻي هئي، شوبز انڊسٽري ڇڏڻ کانپوءِ واپس اچي وئي آهي ۽ هن ڀيري به هوءَ رمضان جي خاص ڊرامي ”پرستان“ ۾ نظر اچي رهي آهي. ايمن سليم جولاءِ 2021ع ۾ شوبز ڇڏڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن کانپوءِ هن واضح ڪيو هو ته هوءَ انڊس ۾ واپسي يا نه اچڻ جو فيصلو اڪيلائي ۾ ڪجهه دير سوچڻ کانپوءِ ڪندي ۽ هاڻي هوءَ ڊرامن ۾ واپس آئي آهي. ايمن سليم هن وقت رمضان جي اسپيشل ڊرامي ”پرستان“ ۽ ڊرامي ”ابن حوا“ ۾ به نظر اچي رهي آهي ۽ سندس ٻنهي ڊرامن کي تمام گهڻو ساراهيو پيو وڃي. هن ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته هوءَ پنهنجي مداحن جي پيار سبب واپس شوبز ۾ آئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو