پڊعيدن (مجاهدشر) پ پ شھيد ڀٽو پاران ڪرپشن منشيات ۽ لوڊشيڊنگ خلاف نصرت ڪئنال پُل کان ريلوي ڦاٽڪ تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو . ان موقعي تي اڳواڻن بھادر علي چنو محمد سچل راڄپر، ساجد راڄپر، عرض محمد مرادعلي منصور علي راڄپر ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت سنڌ ۾ منشيات بدحالي ڪرپشن ۽ لوڊشيڊنگ کان سواءِ عوام کي ڪجهه به نه ڏنو آھي هنن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ رڳو ڪرپٽ ماڻھو آھن جن عوام کي گذريل ڪيترئي عرصي کان بُک ۽ بدحالي کان سواء ڪجهه به نه ڏنو آھي هنن جو وڌيڪ چوڻ ھيو ته هاڻي وقت اچي ويو آھي ته عوام اهڙن ڪرپشن خورن کي سبق سيکاري. هنن سنڌ حڪومت کي چتاءُ ڏيندي چيو ته جيستائين حڪومت ڪرپشن لوڊشيڊنگ منشيات تي ڪنٽرول نه ڪندي تيسيتائين سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو.










