شهيد مستاني سنڌي جي 32هين ورسي ملهائي وئي

شهيد مستاني سنڌي جي 32هين ورسي ملهائي وئي

مانجهند (مهراڻ عمراڻي جسقم ۽ جيئي سنڌ تحريڪ (ڪرناڻي گروپ) پاران شهيد غلام رسول عرف مستانو سنڌي جي 32هين ورسي ملهائي وئي، جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام، گلشير کوسو، اڪرم کوسو، علي بخش ڪابورو، علي رضا شاھ ۽ جيئي  سنڌ تحريڪ (ڪرناڻي گروپ ) جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري سورھ سنڌي ڪاشف ڀٽو، انور بڙدي، رفيق ھاشماڻي ۽ ٻيا ڳوٺ قبي پهچي شهيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي قومي ترانو پڙهي شهيد کي قومي سلامي پيش ڪئي.

ورسي تقريب کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته شهيد مستانو سنڌي سائين جي ايم سيد جو عاشق هو، جنهن سائين جي ايم سيد جي گرفتاري تي سن اسٽاپ تي احتجاج دوران گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو هو، اڄ سندس 32هين ورسي جي موقعي تي کيس قومي سلام پيش ڪيون ٿا. هنن وڌيڪ چيو ته شهيد مستانو جيل ۾ مزاحمتي شاعري به ڪئي جيڪا آزاد گهرجي وطن جي نالي سان ڪتاب جي صورت ۾ موجود آهي جيڪا نئي نسل کي پڙهڻ گهرجي. جڏهن ته جلسي کي گلشير کوسو، اڪرم کوسو، رفيق ميمڻ تراب علي شاه ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. واضح رهي ته  مستانو سنڌي 1987 ۾ سائين جي ايم سيد جي سکر مان گرفتاري خلاف سن ۾ احتجاج دوران جام شھادت نوش ڪري امر ٿي ويو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو