شهيد بينظيرآباد ڊويزن جا 11 اي ايس آءِ سب انسپيڪٽر بڻجي ويا

نوابشاھه (اي ڪي ڏاهري) ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل آف پوليس شهيد بينظيرآباد رينج مظهرنواز شيخ جي صدارت ۾ ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪميٽي جو هڪ اجلاس سندس آفيس ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد تنويرحسين تنيو، ايس ايس پي نوشهروفيرز ڊاڪٽر محمد فاروق ۽ ايس ايس پي سانگهڙ ذيشان شفيق صديقي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سينيارٽي جي بنياد تي شهيد بينظيرآباد پوليس رينج جي 11 اي ايس آئيز کي سب انسپيڪٽر جي عهدي تي ترقي جي منظوري ڏني وئي. ترقي حاصل ڪرڻ وارن ۾ ضلع شهيد بينظيرآباد جا 7 محمد موسيٰ بروهي، انتظار حسين راجپوت، مير محمد ٽانوري، محمد منير آرائين، منظور حسين سولنگي، محمد ارشد راجپوت، خادم حسين چنر، نوشهروفيرز جا محمد ابراهيم مري، محمد موسيٰ ڪلهوڙو، سانگهڙ جا محمد طفيل جٽ ۽ شوڪت علي راجپوت شامل آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو