نوابشاهه (اي ڪي ڏاھري) ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل آف پوليس شھيد بينظيرآباد رينج مظھر نواز شيخ جي صدارت ھيٺ ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪميٽي جو ھڪ اجلاس ٿيو. جنهن ۾ ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد تنوير حسين تنيو، ايس ايس پي سانگھڙ عثمان غني صديقي ۽ ايس ايس پي نوشھرو فيروز الطاف حسين لغاري شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سينارٽي جي بنياد تي رينج جي 51 مرد ۽ عورت پوليس ھيڊڪانسٽيبل کي اي ايس آئي جي عھدن تي ترقي ڏني وئي جنھن ۾ 29 ھيڊ ڪانسٽيبل مرد ۽ 22 ليڊيز ھيڊڪانسٽيبل شامل آهن ڊي آئي جي مظھر نواز شيخ ترقيون ماڻيندڙ اي ايس آئيز کي مبارڪ باد ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظھار ڪيو آھي.










