شهيد اهلڪار جو ڪيس 12 ڄڻن تي داخل، 3 جوابدار گرفتار

پيرجوڳوٺ (صفي الله منڱڻيجو) خيرپور لڳ پوليس ٽريننگ سينٽر خيرپور ٻاهران هٿياربندن هٿان شهيد ٿيل پوليس اهلڪار عطا محمد ڀٽو جو قتل ڪيس بي سيڪشن خيرپور ٿاڻي تي سرڪاري جي مدعيت ۾ فريادي اي ايس آءِ طالب حسين جسڪاڻي جي فرياد تي ناريجا برادري جي 12 ڄڻن اسدالله ناريجو، لياقت ناريجو، سبحان ناريجو، واحد بخش ناريجو، جان محمد ناريجو، بشير ناريجو، محمد حسين ناريجو ۽ ٻين تي دهشتگردي ۽ ٻين قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڊي آءِ جي سکر اقبال دارا، ايس ايس پي خيرپور عمر طفيل شهيد اهلڪار جي وارثن وٽ پهچي تعزيت ڪئي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڊي آءِ جي سکر شهيد پوليس اهلڪار عطا محمد ڀٽو جي وارثن کي پوليس ڊيپارٽمينٽ جي طرفان ٻن نوڪرين جو اعلان ڪيو. ڊي آءِ جي سکر اقبال دارا وارثن سان ڳالهائيندي چيو ته شهيد اهلڪار جيترا وارثن کي پيارا آهن اوترا اسان کي به پيارا آهن شهيد پوليس اهلڪار عطا محمد ڀٽو جو ناحق خون رائگان ٿيڻ نه ڏينداسين انڪري هن ڪيس ۾ سرڪار فريادي آهي. ٻئي طرف خيرپور ضلعي جي 20 کان وڌيڪ ٿاڻن جي پوليس الرا جاگير ۽ فيض محمد ٻنڊو جي ڪچي واري علائقن ۾ سرچ آپريشن ڪري ڪيس ۾ نامزد 3 ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ سان گڏ 5 کان وڌيڪ گھر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو