ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته شهيدن ۽ غازين جي اڻ کٽ ۽ لازوال قربانين سبب ملڪ محفوظ آهي ۽ شهيدن جا وارث ئي قوم جا اصل هيرو آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي جي پي سي گرانڊ مارڪيو ۾ ”سلام سپاهي جيو جوان زنده باد پاڪستان“ جي عنوان سان ڪوٺايل تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته شهيدن ۽ غازين جي اڻ کٽ ۽ لازوال قربانين سبب اسان پنهنجي ملڪ اندر دهشتگردي تي ضابطو آندو آهي. هن چيو ته پوليس، رينجرز، سمورن سيڪيورٽي ادارن گڏجي ڪم ڪيو ۽ انهن شهيدن جي لازوال قربانين ڪارڻ اسان جو ملڪ محفوظ آهي ۽ اسان شهيدن جا نه رڳو قرضدار آهيون پر اسان کي نه رڳو کين وارثن تي فخر آهي پر سڄي قوم لاءِ هڪ اثاثو آهن سنڌ جي وڏي وزير چيو ته کيس ان تقريب ۾ اچي گهڻي خوشي ٿي، شهيدن جا وارث سندس سامهون ويٺا آهن جيڪي گهڻو بهادر ۽ خاص ماڻهو آهن. آئون چوندس ته هن تقريب جا خاص مهمان هي ماڻهو آهن، شهيدن جا وارث ئي قوم جا حقيقي هيرو آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته کيس پنهنجي هيروز ۾ شامل ٿيڻ تي گهڻي خوشي ٿي آهي. انهن وارثن منجهه آهيان جن هن ملڪ جي خدمت ڪئي، جنهن وطن جي سالميت لاءِ پنهنجو ڀاءُ قربان ڪيو، جن پنهنجي پٽ کي قربان ڪيو، جنهن پنهنجي مڙس کي قربان ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان وڏين چئلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، خاص طور تي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي ڳالهه ڪندس، اسان جي ڪراچي ۾ جتي دهشتگردن هن شهر جو امن، ڪاروباري ۽ تعليمي سرگرمين سميت رومزره جي زندگي کي متاثر ڪيو هو اتي اسان جي ملڪ جا سپاهي جنهن ۾ پوليس، رينجرز ۽ پاڪ فوج گڏجي پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي امن بحال ڪيو. هن چيو ته اسان جا سڪيورٽي ادارا سڄي ملڪ ۾ جهڙي ريت جدوجهد ڪري رهيا آهن اهو ساراهه جوڳو آهي. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ عوام هميشه اسان جي پوليس، رينجرز ۽ فورسز جو ساٿ ڏنو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان جو عوام هميشه سڪيورٽي ادارن سان گڏ بيٺو آهي، هن قوم کي ڪير به شڪست نٿو ڏئي سگهي، ساڳي ريت اسان جي پوليس، رينجرز ۽ سمورن سڪيورٽي ادارن سميت عوام جنهن انداز ۾ رياست مخالف عنصرن ۽ دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪيو، اهو اسان سڀني لاءِ ساراهه جوڳو آهي. ان موقعي تي قائم مقام گورنر آغا سراج دراني، صوبائي وزير بلديات ناصر شاهه ۽ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب پڻ خطاب ڪيو.










