شهناز گل ’رائزنگ اسٽار‘ جو ايوارڊ سدھارٿ شڪلا جي ناءُ ڪري ڇڏيو

ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي پسنديده اداڪاره شهناز گل کي دبئي ۾ فلم فيئر مڊل ايسٽ اچيورس نائيٽ جي رنگارنگ تقريب ۾ رائزنگ اسٽار ايوارڊ سان نوازيو ويو. شهناز گل ان جو نالو پنهنجي مرحوم دوست سدھارٿ شڪلا جي نالي تي رکيو.دبئي جي ورلڊ ٽريڊ سينٽر ۾ ڇنڇر جي رات منعقد ٿيل هن ايوارڊ شو ۾ پاڪستان ۽ هندستان جي نامور ستارن شرڪت ڪئي ۽ مختلف ڪيٽيگريز ۾ ايوارڊ ماڻيا.ان موقعي تي شهناز گل ايوارڊ وصول ڪندي چيو ته مان هڪ اهڙي شخص جو شڪريو ادا ڪرڻ چاهيان ٿي، جنهن منهنجي زندگي ۾ آئي ۽ مون تي سخت محنت ڪئي، جنهن سبب مان هيستائين پهتي. ان کان پوء هن انعام ڏانهن اشارو ڪيو ۽ چيو ته ‘ سدھارٿ شڪلا هي توهان لاءِ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو