لاهور: (م ڊ) شهزاد سليم کي هڪ دفعو ٻيهر قومي احتساب بيورو(نيب) لاهور جو ڊائريڪٽر جنرل(ڊي جي) مقرر ڪيو ويو آهي. شهزاد سليم کي نيب لاهور جو مقرر ڪرڻ جو باقاعده نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.قومي احتساب بيورو(نيب) لاهور جي اڳوڻي ڊي جي جميل احمد کي نيب هيڊ ڪوارٽر رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ياد رهي ته شهزاد سليم سال 2017 کان نيب لاهور ۾ مقرر هو. گذريل سال شهزاد سليم جي 4 سالن تي ٻڌل ڪارڪردگي رپورٽ سامهون آئي هئي جنهن ۾ ذريعن جو چوڻ هو ته نيب لاهور جي تاريخ ۾ سڀني کان وڌيڪ ريڪوري ڊي جي شهزاد سليم جي دور ۾ ڪئي وئي.نيب لاهور جي 4 سالن جي ڪارڪردگي رپورٽ موجب شهزاد سليم جي دور ۾ 7 ارب روپين کان وڌيڪ ريڪوري ڪئي وئي. ان کان علاوه 60 ارب روپين کان وڌيڪ جي ماليت جا ريفرنس عدالتن ۾ داخل ڪيا ويا.










