خيرپور ناٿن شاه(ن سنڌيار)خيرپور ناٿن شاه شهر ۾ وڌندڙ بدامني ۽ ميهڙ واقعي خلاف قومي عوامي تحريڪ ۽ شهرين پاران نٽهڻ اس تي گذريل ڪلاڪ کان هٿن ۾ پلي ڪارڊ بينر کڻي پوليس انتظاميه خلاف سخت احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو. تفصيل موجب خيرپور ناٿن شاه شهر ۾ وڌندڙ بدامني ۽ ميهڙ واقعي خلاف قومي عوامي تحريڪ ۽ شهرين پاران نٽهڻ اس تي گذريل ڪلاڪ کان هٿن ۾ پلي ڪارڊ بينر کڻي سومر چانڊيو, ايڊووڪيٽ جواد, غلام محمد گاڏهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هڻي پوليس انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ڌرڻي دوران ٽريفڪ معطل ٿي وئي, ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته پوري شهر کي چورن ڦورن ۽ منشيات فروشن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي نشو واپرائڻ ڪري نوجوان تباھ تي رهيا آهن جڏهن ته ڪو به شهري محفوظ ناهي پوليس چورن لٽيرن ۽ منشيات فروشن جي ساٿاري بڻيل آهي شهري علي گل گاڏهي سميت ڪيترن جون چوري ٿيل موٽر سائيڪلون رڪور ناهن ٿي سگهيون ميهڙ ۾ ڦر دوران واپاري کي گوليون هنيون ويون جڏهن ته ڏينهن ڏٺي جو وچ شهر ۾ واپاري اعجاز جي گهر تي هٿياربند ڪاھ ڪري ڦر جي ڪوشش ڪئي ايس ايس پي دادو نااهل آهي سمورن ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز چورن ۽ منشيات فروشن جا ساٿاري آهن هنن وڌيڪ چيو ته جيسيتائين امن امان بحال نه ٿيندو تيسيتائين احتجاج جاري رهندو.










