خيرپور ناٿن شاھ(ن س)خيرپور ناٿن شاھ مان امن جو پکي اڏامي ويو شھر جي مصروف ترين علمدار چوڪ تان آل واپاري اتحاد جي اڳواڻ سھيل شيخ جي دڪان مان 6 لک روپين جي چور چوري ڪري آساني سان ڪري فرار ٿيڻ ۾ڪامياب ٿي ويا تفصيل موجب. خيرپور ناٿن شاھ مان امن جو پکي اڏامي ويو شھر جي مصروف ترين علمدار چوڪ تان آل واپاري اتحاد جي اڳواڻ سھيل شيخ جي دڪان مان 6 لک روپين جي چور چوري ڪري آساني سان ڪري فرار ٿيڻ ۾ڪامياب ٿي ويا.ن دوران دڪان جي مالڪ سھيل احمد شيخ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آئي ڏينهن وارداتن ۾ اضافو ٿيندو وڃي ٿو، ھن وڌيڪ چيو ته منھنجي دڪان مان گذريل رات جو نامعلوم چور 6 لک روپيا ڪيش کڻي فرار ٿي ويا آھن، ٻئي پاسي پوليس جاءِ واردات تي پھچي جاءِ واردات جو جائزو پڻ ورتو ۽ کوجي ڪتن ذريعي چورن جا پيرا به کنيا ويا،ٻئي پاسي شھر جي واپارين پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو به ڪيو ويو جتي اڳواڻن چيو ته شھر جو امن بحال ڪيو وڃي ۽ واپاري سھيل احمد شيخ جي دڪان مان ٿيل چوري واپس ڪئي وڃي واپارين آء جي ڪراچي ، ڊي آئي جي حيدرآباد ء ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته چوري ريڪور ڪرائي وڃي نه ته ٻيءَ صورت ۾ شٽربند هڙتال ڪري ڌرڻو ھنيو ويندو…










