خانپورمهر(ن سنڌيار) خانپورمهر ۾ بدامني تي ضابطو نه اچي سگهيو، موٽر سائيڪل چوري توڙي بدامني خلاف ملڪ برادري جو احتجاج،خبرموجب، خانپورمهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ بدامني تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي جنهن ڪري علائقي واسي سخت پريشان آهن، هوڏانهن خانپورمهر ويجهو ڳوٺ گهنور خان ملڪ واسي ملڪ برادري جي ماڻهن بدامني توڙي موٽرسائيڪل چوري خلاف هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاج ڪيو، احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ رميز ملڪ، امجد ملڪ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته خانپورمهر شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ چوريون روزو جو معمول بڻيل آهن پوليس ڪجھ به ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.گذريل ڏينهن خانپورمهر ۾ ڊاڪٽر پمن ڪمار جي اسپتال مان نوجوان رميز ملڪ جي موٽرسائيڪل چوري ٿي هئي، جيڪا پوليس ھن ٽائين واپس نه ڪرائي سگهي آهي، ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته بدامني تي ضابطو آڻي چوري ٿيل موٽرسائيڪل ڪرائي وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو..










