شهر يار کي ٽرين يا ڪوچ جي ٽڪيٽ ملي سگهي ٿي: مهتاب ڏهر

گهوٽڪي (ن س)اوٻاوڙو جي صوبائي تڪ پي ايس 18 جي ٽڪيٽ تان ڄام مهتاب ڏهر ۽ شهر يار شر آمهون سامهون، پيپلزپارٽي جي ٻنهي اڳواڻن طرفان هڪ ٻئي تي چٿرون ۽ ٺٺوليون ڪيون ويون اڳوڻي صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر چيو آهي ته شهر يار شر کي ٽرين يا ڪوچ جي ٽڪيٽ ملي سگهي ٿي، صوبائي تڪ واري ٽڪيٽ مون کي ئي ملندي شهر يار شر جو چوڻ آهي ته ڄام مهتاب ڏهر جون وايون بتال ٿي ويون آهن، پارٽي ڄام مهتاب کي سينيٽر بڻايو آهي، ايم پي اي جي سيٽ مون کي ڏني وئي آهي، ڄام مهتاب ڏهر وائڙو ٿي ويو آهي، ٻنهي اميدوارن جي دعويٰ آهي ته پي ايس 18 جي ٽڪيٽ کين ئي ملندي

پهنجو تبصرو موڪليو