شهر جي مين روڊ جو شروع ٿيندڙ ڪم ۾ ناقص مٽيريل استعمال

شهر جي مين روڊ جو شروع ٿيندڙ ڪم ۾ ناقص مٽيريل استعمال

ڏوڪري (ن سنڌيار)ڏوڪري شهر جي مين روڊ جو شروع ٿيندڙ پيور بلاڪ جو ڪم پيٽي ٺيڪيدار ۽ ٺيڪيدار خادم جمالي جي ملي ڀڳت سان پيور بلاڪ جي ڪم ۾ ٿرڊ ڪلاس جو مٽيريل استعمال ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته شهرين جو به اهو ئي موقف آهي ته هن طرح جو ڪم شهر جي تباهي جو سبب آهي، جڏهن ته پيور بلاڪ جي لڳڻ وقت سرن هيٺان سيمينٽ جو بلاڪ لڳائي ليول ڪري پوءِ سرن جو بلاڪ لڳايو ويندو آهي، جڏهن ته بنا بلاڪ جي پيور بلاڪ لڳايو پيو وڃي جنهن ڪري نئين ٺهندڙ روڊ تازو ئي برساتن ۾ پيٽي ٺڪيدار ۽ ٺيڪيدار جي پت وائکي ڪري ڇڏي روڊ تي ليول نه هجڻ ڪري پاڻي جا دٻا بيٺل شهرين ٻيڻو آزار ۾ وٺجي ويا، ھوڏانھن پيتي ٺيڪيدار پنهنجو موقف ڏيندي چيو ته اسان کي ٺيڪيدار خادم جمالي جو حڪم آهي هلڪي سر سٺ ايم ايم استعمال ڪيو ۽ بلاڪ جي بنا ٻه انچ پائوندر وڇائي سرن جو بلاڪ لڳائيندا وڃو، هن وڌيڪ چيو ته اسان وٽ هن هلندڙ ڪم جي ٺيڪي جا ڪي به ڪاغذ موجود ناهن، جڏهن ته ان موقعي تي شهرين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته انجئينر ۽ ٺيڪيدار ڪرپشن جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن ٺهندڙ روڊ جي ليول نه هجڻ ڪري برساتن ۽ گٽرن جو پاڻي دڪانن اندر وھڻ لڳو آهي شهرين اعلي آفيسرن کان مطالبو ڪندي چيو ته پيٽي ٺيڪدار ۽ ٺيڪيدار جي ڪيل ڪرپشن جو نوٽيس وٺي ڪاروائي ڪئي وڃي ته جيئن حڪومت جا پئسه ڪرپشن جي ورچڙھڻ کان بچي سگهن ۽ شهر ۾ بهتر ترقياتي ڪم ٿي سگهن،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو