ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته تازين برساتن سان متاثر ٿيل شهر جي روڊن ۽ اسٽريٽ لائيٽن جي مرمت ۽ بحالي جو ڪم ايندڙ 60 ڏينهن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. هر ضلعي لاءِ الڳ ٺيڪيدار مقرر ڪيو ويو آهي، ڪم سومر ڏينهن کان شروع ڪيو پيو وڃي. شفافيت لاءِ آفیشل ويب سائيٽ تي سڀ تفصيلون شامل ڪيون ويون آهن، جن کي روزاني بنياد تي اپڊيٽ ڪيو ويندو. ڪي ايم سي شهر جي انتظامي معاملن کي وڌيڪ شفاف بڻايو آهي ۽ ترقياتي منصوبن، بجيٽن ۽ روڊن جي بحالي جو سڄو عمل پنهنجي سرڪاري ويب سائيٽ تي عام ڪري ڇڏيو آهي. روڊن سان لاڳاپيل مسئلن جي وقت سر حل لاءِ هڪ خاص عوامي شڪايت وارو نظام به شروع ڪيو ويو آهي. شهري ڪي ايم سي جي انتظام هيٺ ايندڙ 106 روڊن بابت پنهنجون شڪايتون 1339 تي درج ڪرائي سگهن ٿا. مان، ڊپٽي ميئر ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پاڻ ٿيندڙ ڪارروائي جي نگراني ڪنداسين. اميد آهي ته ٽائونز انتظاميا ۽ ڪي ڊي اي به ساڳيءَ طرح پنهنجن ذميوارين ۽ ڪيل ڪمن جون تفصيلون عوام آڏو آڻيندا ته جيئن شهرين کي معلوم ٿي سگهي ته ڪٿي ڪير ذميوار آهي ۽ ڪهڙو ڪم پيو ڪري. بلديه عظميٰ ڪراچي جي اختيار هيٺ ايندڙ روڊن کي بنا اجازت کوٽيندڙن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي.ميئر چيو ته جيڪي تنقيد ڪن ٿا، سي ٻڌائن ته ٽائونز ۾ گڏ ٿيندڙ رقم ڪٿي وڃي رهي آهي ۽ متاثر ٿيل روڊن جي مرمت ڇو نه ٿي رهي آهي. ٽائونز کي ملندڙ پئسا هن شهر جي امانت آهن، اهي پئسا بئنڪ اڪائونٽ ۾ رکڻ لاءِ نه پر انفراسٽرڪچر جي بحالي ۽ بهتري تي خرچ ٿيڻ گهرجن. سيلابي صورتحال ۾ مان سڄي پاڪستان جي عوام سان هڪجهڙائي جو اظهار ڪريان ٿو، پنجاب جي ڀائرن ۽ ڀينرن سان مشڪل جي هن گهڙي ۾ گڏ بيٺا آهيون. راوي ۽ ستلج دريائن جي موجوده صورتحال پاڪستان خلاف سازش جي ڪوشش آهي. پنجاب جي عوام کي جيڪا به مدد گهرجي، بلديه عظميٰ ڪراچي ان لاءِ تيار آهي.خميس ڏينهن صدر آفيس بلديه عظميٰ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ميئر چيو ته ڪراچي شهر برساتي صورتحال مان ٻاهر اچي ويو آهي ۽ في الحال وڌيڪ خطرناڪ برساتن جي اڳڪٿي ناهي. هاڻي ٻئي مرحلي ۾ برسات کانپوءِ روڊن جي مرمت ۽ بحالي ڪرڻ جي ضرورت آهي. هر شهري کي خبر هجڻ گهرجي ته سندس حڪومت ڇا پئي ڪري. عوام بلديه عظميٰ ڪراچي جي ڪارڪردگي بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، تنهن ڪري اسان پنهنجي ويب سائيٽ کي اپڊيٽ ڪيو آهي ته سڀ تفصيل هر شهري تائين پهچن.سڀ لاڳاپيل آفيسرن ۽ ٺيڪيدارن جا ڊيٽا جاري ڪيا ويا آهن. روڊن جي تعمير ۾ معيار تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو. ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد، سٽي ڪائونسل ۾ پارلياماني ليڊر ڪرملله وقاصي، ڊپٽي پارلياماني ليڊر دل محمد ۽ ٻيا چونڊيل نمائندا ۽ آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا.ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪي ايم سي ويب سائيٽ www.kmc.gos.pk تي ڪي ايم سي جي سب هيڊنگ هيٺ بلديه عظميٰ ڪراچي جي دائري اختيار ۾ جيڪي شيون اچن ٿيون، انهن جي تفصيل عام ڪيون ويون آهن. شهرين کي ڄاڻڻ گهرجي ته ڪهڙو روڊ اسان جو آهي ۽ ڪهڙو نه. 106 روڊن جون تفصيلون واضح طور ڏسي سگهجن ٿيون، جڳهه ۽ ماپ به ڏنل آهي، هر روڊ جي اڳئين ۽ موجوده حالت به ڏيکاري ويندي. اهي 106 روڊ اسان جي ذميواري آهن ۽ اسان اها ذميواري نڀائينداسين.شهر ۾ انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ لاءِ نئون طريقو اختيار ڪيو ويو آهي، ڪراچي جي ستن ئي ضلعن ۾ الڳ الڳ ٺيڪا ڏنا ويا آهن. 1339 تي شهرين جون شڪايتون ٻڌيون وينديون، جتي به روڊ ٽٽل هوندو، لاڳاپيل ٺيڪيدار وڃي ان جي مرمت ڪندو. مون پنهنجي ٽيم کي چيو آهي ته ڪم لاءِ منظوري جو انتظار نه ڪن ۽ نه ئي معيار تي سمجهوتو ڪن، پر شهرين جي شڪايتن جو فوري ازالو ڪن. روڊن ۽ اسٽريٽ لائيٽن جي ڪمن کان علاوه، پاڙن محلن لاءِ به ترقياتي اسڪيمون منظور ڪرايون ويون آهن.ويب سائيٽ تي Development Works جي سب هيڊنگ هيٺ ضلعي ڊي پي، صوبائي اي ڊي پي، سالياني ترقياتي اسڪيمون ۽ ڪلڪ فنڊڊ پروجيڪٽس جون سڀ تفصيلون شامل ڪيون ويون آهن. انهن ۾ موجوده سال سان گڏ گذريل سالن جا ڪم به شامل آهن. جيڪي ماڻهو پنهنجو ڪم نٿا ڪن، انهن جي حدن ۾ به ڪم ڪيو پيو وڃي. ڪم جو سلسلو هلندو رهندو. مان چاهيان ٿو ته هر اداري ساڳي طرح ڪم ڪري، جيئن ڪي ايم سي پئي ڪري. ٽائونز ۽ ڪي ڊي اي به پنهنجن ڪمن جون تفصيلون جاري ڪن، سامهون اچن ۽ ٻڌائن ته ڇا پيا ڪن.شهرين کي ڄاڻڻ گهرجي ته پراپرٽي ٽيڪس، ٽريڊ لائسنس، اشتهاري فيس ۽ روڊ ڪٽنگ جي مد ۾ ملندڙ پئسا ڪٿي وڃن ٿا. جماعت جا ڀائر چون ٿا ته پئسا ناهن، اختيار ناهن. جڏهن روڊن جي مرمت لاءِ چيو وڃي ٿو ته چون ٿا سوئي گئس جو ڪم اڃا پورو ناهي ٿيو. اهي ٿا چاهين ته مان کين عدالت وٺي وڃان. پر شهري جو حق آهي ته سندن مسئلا حل ٿين ۽ کين اوهان جي ڪارڪردگي جو علم ٿئي. جيڪڏهن اوهان وٽ اختيار ناهي ته گهر هليا وڃو. اهو نه ٻڌايو ته دل محمد ڇا نه ڪيو.مان سڀني ٽائونز جي نمائندن کي به چوان ٿو ته سامهون اچن ۽ پنهنجي ڪمن جون تفصيلون ڏين. ٻٽو معيار نه هجڻ گهرجي. جيڪڏهن مان ڪا غلطي يا کوٽ ڪيان ته مهرباني ڪري تنقيد ڪريو. عيد الاضحيٰ تي جڏهن سالڊ ويسٽ بهترين ڪم ڪري ٿو ته ٽائونز چون ٿا اسان بهترين ڪم ڪيو. ڪيترن ئي ٽائونز ڪي ايم سي جي روڊن تي به روڊ ڪٽنگ ڪئي آهي. غلط ڪم تي سڀ کان پڇاڻو ٿيندو.مان پيپلز پارٽي جي نه پر ڪراچي جي ٽوپي پاتي آهي. جيڪڏهن منهنجو ادارو به غلط ڪم ڪندو ته مان شهرين سان گڏ بيهندس. بهتري لاءِ الزامن جي سياست مان ٻاهر نڪرڻو پوندو. ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي سان انتظامي نه پر سياسي اختلاف آهن. جيڪڏهن پاڻ ۾ وڙهندا رهنداسين ته ڪم نه ٿيندو. هي اسان سڀني جو شهر آهي ۽ اسان کي گهرجي ته شهر جي وڏي مفاد ۾ گڏجي ڪم ڪريون. هر قسم جو سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.










