جيڪب آباد (عبدالنبي شيخ) جمعيت علماءِ اسلام پاران شهر جي مختلف مسئلن پيئڻ جي صاف پاڻي جي نئين ميگا اسڪيم مان پاڻي جي عدم فراهمي، سرڪاري اسپتالن ۾ سهولتن جي اڻاٺ، تباهه روڊ رستن، ڊرينيج سسٽم ۽ گندگي خلاف هڪ وڏو احتجاجي مظاهرو جي يو آءِ جي ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري، مولانا عبدالجبار رند، مولانا عبدالحليم عابد ابڙو، مولانا تاج محمد چنا، نور خان ڇڄڻ، بقا محمد حيدري، تاج محمود امروٽي، چاڪر خان جکراڻي، مولانا محمد امين جکراڻي، ڪفايت الله لاشاري، محمد موسيٰ مهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪيو ويو.مظاهرين جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جن تي پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا، سرڪاري اسپتالن ۾ غريبن کي سهولتون فراهم ڪريو، شهر ۾ گندگي نا منظور، تباهه ڊرينيج سسٽم نامنظور جهڙا نعرا لکيل هئا. مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته جيڪب آباد ڏينهون ڏينهن مسئلن طرف وڌي رهيو آهي موجوده دور ۾ گندگي وڌي وڃڻ، بد بودار پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٿو جنهن ڪري ڪافي بيماريون جنم وٺي رهيون آهن. هنن وڌيڪ چيو ته جيڪب آباد ۾ 70 سيڪڙو پاڻي ۾ سينکيو ۽ 30 سيڪڙو ڪارو ڪامڻ هجڻ افسوسناڪ آهي اڍائي ارب رپين جي مٺي ۽ صاف پيئڻ جي پاڻي جي نئين ميگا اسڪيم جيڪا هڪ سال اڳ شروع ٿيڻي هئي اها شروع نه ٿيڻ ڪري عوام پاڻي ڦڙي لاءِ ترسي رهي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته نئين پاڻي جي ميگا اسڪيم کي جلد شروع ڪري صفائي جا مستقل انتظام ڪيا وڃن نه ته ٻي صورت ۾ جي يو آءِ پاران احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.










