ملير(رپورٽ شهزادو مستوئي )گلشن اقبال ٿاڻي جي حد نعمان ڦاٽڪ وٽ ٻن موٽر سائيڪل سوار ڦورن هٿيارن جي زور تي شهري کان موٽر سائيڪل روڪ رقم موبائيل فون ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته اچانڪ پوليس موقعي تي پهچي وئي پوليس کي ڏسندي ئي هٿياربند ڦورن فائرنگ شروع ڪري ڏني پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو ٻي کي پوليس ڊوڙائي ڊوڙائي سوگهو ڪيو گرفتار ٻنهي جوابدارن جي قبضي مان ڦر ڪيل موٽر سائيڪل روڪ رقم موبائيل فون ۽ هٿيار هٿ ڪري ورتا زخمي شڪيل جو رڪارڊ چيڪ ڪرڻ تي خبر پئي ته جوابدار هڪ ڪيس ۾ مبينا ٽائون پوليس کي گهربل آهي جڏهن ته ٻيو سهيل گلشن اقبال پوليس کي پراڻي ڪيس ۾ گهربل هو گرفتار جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، پئي پاسي شهرن پوليس جي بروقت ڪارروائي کي ڏسي خوشي مان جهومي اٿيا اهڪارن جي مان ۾ تاڙيون وڄائي کين ڀرپور داد ڏنو اهڪارن جي وڏي دليراڻي ڪارروائي سبب ايس ايچ او گلشن اقبال عبيدالله خان پاران نوجوانن جي ھمٿ افزائي ڪندي کين گلن جا هار پارائي روڪ رقم پڻ انعام طور ڏني، ايس ايڇ او گلشن اقبال عبيدﷲ خان چيو ته سوين اهلڪارن جي شهادتن سان امن جي شروعات ٿي آهي هاڻي شرپسندن کي شهر جو امن خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي شهرين جي جان مال کي تحفظ فراهم ڪرڻ پوليس جي ذميواري آهي شهرين جو به فرض آهي ته پوليس کي سٺي نگاهه سان ڏسي انهن سان تعاون ڪن جئين شهر مان منشيات ڏوهارين سميت سمورن سماج دشمن برائين جو خاتمو آڻي سگهجي.










