گهوٽڪي (ن سنڌيار)عدالت سول اسپتال گهوٽڪي جي ايم ايس ڊاڪٽر ارباب ملڪ کي موتمار ڌمڪيون ڏيڻ ۽ اسپتال اندر ڀڃ ڊاهه جو ڪيس ثابت نه ٿيڻ تي شهري اتحاد جي اڳواڻن کي باعزت بري ڪري ڇڏيو. عدالت هڪ سال بعد ڏوھ ثابت نه ٿيڻ تي شهري اتحاد جا ٻه اڳواڻ لالا قيصر پٺاڻ ۽ مجاهد سخي چاچڙ کي بري ڪري ڇڏيو، شهري اتحاد جي اڳواڻ لالا قيصر پٺاڻ ۽ مجاهد سخي جا چاچڙ مٿان سول اسپتال گهوٽڪي جي ايم ايس ڊاڪٽر ارباب ملڪ کي بليڪ ميل ڪري ڀتو وٺڻ ،پسٽل تاڻي موتمار ڌمڪيون ڏيڻ ۽ اسپتال ۾ ڀڃ ڊاھ واري ڪيس مان عدالت کيس بري ڪري ڇڏيو آهي ،سيڪنڊ سول جج گهوٽڪي جي عدالت ايم ايس ڊاڪٽر ارباب ملڪ طرفان اسپتال اندر ڀڃ ڊاھ ڪرڻ ڀتو وٺڻ ۽ موتمار ڌمڪين ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي فريادي جوابدارن وڪيلن پنهنجا دليل مڪمل ڪيا عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد شهري اتحاد جي اڳواڻ لالا قيصر پٺاڻ ۽ مجاهد سخي جا چاچڙ مٿان ڪيس ثابت نه ٿيڻ تي انهن کي بري ڪري ڇڏيو واضح رهي ته سال 2020ع ۾ گهوٽڪي ٿاڻي تي سول اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر ارباب ملڪ بليڪ ميل ڪري ڀتو وٺڻ پسٽل تاڻي موتمار ڌمڪيون ڏيڻ ۽ اسپتال اندر ڀڃ ڊاھ ڪرڻ جو ڪيس شهري اتحاد جي اڳواڻن لالا قيصر پٺاڻ ۽ مجاهد سخي جا چاچڙ مٿان داخل ڪرايو هو ڄاڻايل درخواست کي عدالت اڪلائيندي شهري اتحاد جي ٻن اڳواڻن کي بري ڪري ڇڏيو.










