وڳڻ (علي مصطفى بروهي )سجاڳ نوجوان اتحاد ۽ شھرين جي احتجاج ۽ بک ھڙتال کي 51 ڏينھن پورا ٿي ويا پر ڪنهن عملدار يا سياسي اڳواڻ عوامي مسئلن جي حل لاءِ رابطو نه ڪيو. وڳڻ شهر کي گيس، پاڻي ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ شهري احتاجج ڪري رهيا آهن، حڪمرانن ۽ چونڊيل نمائندن خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ۽ علامتي بک ھڙتال ڪئي . ان موقعي تي ممتاز وڳڻ ، ڪامران پنھور ، يونس وڳڻ ، الطاف چانڊيو ، انيس خاصخيلي ، نظير کوسو، بابر ۽ ٻين چيو ته ھزارين غريب شھري پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ پريشان آھن پر پاڻي جو مسئلو حل نه پيو ڪيو وڃي . رھواسي پيئڻ جي پاڻي لاءِ سخت مشڪلاتون ڪاٽي رھيا آھن . گئس جي سھولت لاءِ دانھون ڪندا رھون ٿا پر ڪو ٻڌي ئي نه ٿو . ڊرينيج سسٽم مڪمل تباھ آھي گھٽيون ۽ روڊ رستا گندگي سان ڀريل آھن ان باوجود ٽائون انتظاميا تحرڪ نه پئي وٺي.










