شهريار آفريدي ۽ سندس گهرواري جي گرفتاري غير قانوني قرار

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شهريار آفريدي ۽ سندس گهرواري جي گرفتاري کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ارباب محمد طاهر شهريار آفريدي ۽ سندس گهرواري جي گرفتاري خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران اسلام آباد جي حدن ۾ داخل ڪيسن ۾ گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم پڻ جاري ڪيو.عدالت لکت واري فيصلي ۾ چيو ته شهريار آفريدي کي فوجداري ڪيسن ۾ لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، جيڪڏهن هو 7 جون تائين پيش نه ٿيو ته ڌرين خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ٻيهر شروع ڪئي ويندي، درخواست داخل ڪرائي سگهجي ٿي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو آهي ته بظاهر ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ ۽ پوليس اسٽيشن مارگلا جي انچارج اختيارن جو غلط استعمال ڪيو آهي، درخواستگذار پوليس اسٽيشن مارگلا جي انچارج ۽ ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ اسلام آباد خلاف لاڳاپيل فورم سان رجوع ڪري سگهن ٿا. .

پهنجو تبصرو موڪليو