شهريار آفريدي جي ٻيهر گرفتاري، آءِ جي کي نوٽيس جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شهريار آفريدي جي عدالتي حڪم باوجود ٻيهر گرفتاري آءِ جي اسلام آباد کي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.شهريار آفريدي کي آزاد ٿيڻ کان پوءِ ٻيهر گرفتار ڪرڻ تي توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي جنهن ۾ وڪيل شهر افضل مروت دليلن ۾ چيو ته عدالتي حڪم باوجود شهريار آفريدي کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو، کيس ڪنهن به عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو آهي. توهين عدالت جي درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آءِ جي اسلام آباد کي نوٽيس جاري ڪندي اسٽيٽ ڪونسل کي هدايت ڪئي ته هينئر تائين لاڳاپيل عدالت ۾ شهريار آفريدي کي پيش ڇو نه ڪيو ويو آهي ته سڀاڻي تائين هن معاملي تي جواب ڏيو.وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اڄ هدايت سان گڏ اسان جي درخواست اڪلائي ڇڏيو، سڀاڻي به ڪيس جي ٻڌڻي آهي. شهريار آفريدي کي ڊيٿ سيل ۾ رکيو ويو آهي عدالت کي درخواست ڪئي هئي جنهن کان پوءِ اوهان ڊيٿ سيل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏنو هو. لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو