شهباز ۽ حمزه جي 5 ڏينهن جي پيرول تي آزادي جو فيصلو

شهباز ۽ حمزه جي 5 ڏينهن جي پيرول تي آزادي جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بُزدار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پيرول تي آزادي واري سمري ڪابينا ڏانهن اُماڻي ڇڏي آهي، گهرو کاتي جي ترجمان موجب شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي 5 ڏينهن لاءِ پيرول تي آزاد ڪرڻ جي سمري تيار ڪئي وئي آهي، پنجاب ڪابينا جي منظوري بعد کين آزاد ڪيو ويندو، آزادي جو وقت مڙهه پاڪستان پهچڻ کان شروع ٿيندو. نواز ليگ اڳواڻ محمد زبير جو چوڻ آهي ته ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته اڄ ئي پرول تي آزادي ٿي وڃن. خبر ناهي ته پنجاب حڪومت دير ڇو پئي ڪري، بيگم شميم اختر جو مڙهه پاڪستان اُماڻڻ بابت اڄ خبر پئجي ويندي، وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته نواز شريف، اسحاق ڊار، حسن ۽ حسين نواز مٿان پاڪستان اچڻ تي ڪابه پابندي نه آهي، هو بيگم شميم اختر جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪن، رياستي جبر واري پروپئگنڊا لاڏاڻي تي سياست برابر آهي. هن چيو ته وزيراعظم سميت اسين سڀني تعزيتي پيغام موڪليا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو