شهباز گِل وڌيڪ ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

شهباز گِل وڌيڪ ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد جي مقامي عدالت شهبازگِل جي جسماني رمانڊ لاءِ داخل درخواست تي محفوظ فيصلو ٻڌائيندي سندس وڌيڪ ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪندي کيس پوليس جي حوالي ڪرڻو حڪم ڏئي ڇڏيو.جڊيشل مجسٽريٽ ملڪ امان فيصلي ۾ پوليس جي وڌيڪ ٻن ڏينهن جسماني رمانڊ جي درخواست منظور ڪندي شهباز گِل کي 24 هين آگسٽ تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.ان کان اڳ ادارن خلاف ڀڙڪائڻ واري ڪيس ۾ گرفتار پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گِل کي جسماني رمانڊ لاءِ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ پيش ڪيو ويو، جتي ٻڌڻي بعد عدالت جسماني رمانڊ لاءِ داخل درخواست تي فيصلو محفوظ ڪندي جوابدار کي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.ان کان اڳ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي قانوني ٽيم شهباز گِل جي اڊيالا جيل ۾ ورتل ميڊيڪل رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي، ڊيوٽي جج ملڪ امان جي روبرو وقفي بعد ٻڌڻي ٻيهر شروع ٿي ان دوران اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر پيش ۽ ٻڌايو ته هيءَ جسماني رمانڊجي استدعا آهي، اسلام آباد هاءِڪورٽ ۾ فيصلو محفوظ آهي، جوابدار جي وڪيل بابر اعواڻ چيو ته 13 ڏينهن کان شهباز گِل اسلام آباد پوليس جي قيد ۾ آهي، 14 ڏينهن ڪو گهٽ رمانڊ ناهي؟ کيس مارڻو اٿوَ ڇا؟ٻڌڻي دوران بابر اعواڻ دليل ڌيندي چيو ته شهباز گِل لينڊ لائن ذريعي بيپر ڏنو، ان ڪو شڪ ناهي، شهباز گِل وٽان نيٺ ڇا ريڪور ڪرڻو آهي؟ آرمي پبلڪ اسڪول مان پڪڙيل جوابدارن جو ڇا اڍائي مهينا رمانڊ ٿيو؟ ان موقعي تي اسپيشل پراسيڪيوٽر رضوان عباسي عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو ته ٻه پمز اسپتال ۾ رهڻ دوران بن ڏينهن جو جسماني ختم نٿو ڪري سگهجي. ٻڌڻي دوران شهباز گِل پنهنجي بيان ۾ عدالت کي ٻڌايو ته پنج ڏينهن کان ڪپڙا ناهن ڏنا ويا، پنج ڏينهن کان وهنتو ناهيان، گهران جيڪي ڪپڙا موڪليا ويا هئا اهي کسيا ويا آهن، هن ٻڌايو ته پونئن چئن ڏينهن کان بک هڙتال ڪئي آهي ۽ اڄ زوري شيو ڪئي وئي آهي.شهباز گِل چيو ته مونکي تشدد جو نشانو بڻائڻ چاهين ٿا، صبح الائي ڪهڙي دوا پيئاري وئي آهي، توهان کي مونکي جيئرو ڏسڻ گهرو تا يا نه، مون سان جانورن جهڙو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي.جنهن تي عدالت چيو ته توهان جي مطالبي تي فيملي ۽ وڪلين کي توهان تائين پهچ ڏيون ٿا، جنهن بعد عدالت شهباز گِل کي گهرڀاتين سان ملڻ جي اجازت ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.پي ٽي آءِ اڳواڻ جو چوڻ هوته مٿس عمران خان خلاف بيان ڏيڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي، مون پي ٽي آءِ يا عمران خان خلاف ڪو بيان ناهي ڏنو ۽ اهو رڪارڊ تي آڻڻ چاهيان ٿو ان بعد به جيڪڏهن منهنجو ڪو بيان اچي ته اهو منهنجو نه سمجهو وڃي.ان کان اڳ ٻڌڻي جي شروعات تي شهباز گِل ٻڌايو ته ايس پي نوشيروان کيس وٺي آيو ۽ چيو ته توهان جي ضمانت ٿي وئي آهي، مونکي اسڪرين شاٽ ڏيکاريو ويو ۽ چيو ويو ته ضمانت ٿي وئي آهي، مچلڪا جمع ڪرائڻا آهن.شهباز گِل عدالت کي ٻڌايو ته کيس پرائيويٽ گاڏي ۾ ويهاريو ويو هيڏانهن وٺي آيا، توهان ڏسو ته گذريل رات کان وٺي مون سان ڇا ٿي رهيو آهي.ان تي جڊيشل مجسٽريٽ ملڪ امان رمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا توهان ڊاڪٽر کي ڏيکاريو آهي، اسان ته ميڊيڪل نٿا ٻڌائي سگهون، جنهن تي پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته ڪالهه رات کان بک هڙتال ڪئي آهي، ڪنهن سان ملڻ نه پيو ڏنو وڃي، ڪالهه رات 12 ڄڻا منهنجي ڪمري ۾ آيا ۽ مونکي ٻڌي زوري ڪيلو کارائي جوس پيئاريو ويو.شهباز گِل چيو ته رات ٽئين وڳي وري ڇهه ست ڄڻا آيا ۽ کاڌو کارائڻ جي ڪوشش ڪئي، مونکي زور ٻڌي ڏهن ٻارنهن ڄڻن شيو ڪئي، مان شهپر ناهيان رکندو، منهنجا شهپر ڇڏيا ويا، زور نيرن ڪرائي وئي، جنهن تي جج رمارڪس ڏيندي چيو ته ان جو اهو مطلب ته ناهي جو توهان بک هڙتال تي هليا وڃو.

پهنجو تبصرو موڪليو