شهباز گِل جي ٻيهر جسماني رمانڊ وارو فيصلو چئلينج

شهباز گِل جي ٻيهر جسماني رمانڊ وارو فيصلو چئلينج

اسلام آباد ( بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز گِل ٻيهر جسماني رمانڊ وارو فيصلو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.شهباز گِل پنهنجي وڪيل ذريعي ايڊيشنل سيشن جج زيبا چوڌري جي فيصلي کي چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.ايڊيشنل سيشن جج، آءِ جي ۽ ايس ايس پي اسلام آباد، ايس ايڇ او ڪوهسار ۽ ڪيس جي فريادي کي درخواست ۾ ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شهباز گِل کي نوَ آگسٽ تي گرفتار ڪري ڏهه آگسٽ تي جڊيشل مجسٽريٽ اڳيان پيش ڪيو ويو ۽ جڊيشل مجسٽريٽ کيس ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو وري ٻارنهن آگسٽ شهباز گِل جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي استدعا رد ڪري جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪليو ويو . درخواست جي متن موجب پراسيڪيوشن مجسٽريت طرفان جسماني رمانڊ نه ڏيڻ جي حڪم کي سيشن ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو، ايڊيشنل سيشن جج درخواست ٻڌڻي جوڳي نه قرار ڏيندي رد ڪئي، جنهن جو آرڊر هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ درخواست کي ٻيهر غور هيٺ آڻي نئين سر فيصلو ڪرڻ جي هدايت ڪئي.شهباز گِل جي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ايڊيشنل سيشن جج 17 آگسٽ تي شهبازا گِل جو وڌيڪ جسماني رمانڊ منظور ڪيو.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته وڌيڪ ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.ياد رهي ته اسلام آباد جي مقامي عدالت شهباز گِل جي جسماني رمانڊ رد ٿيڻ خلاف نظرثاني درخواست تي فيصلو ٻڌائندي پي ٽي آءِ اڳواڻ کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو