اسلام آباد: (بيورو) تحريڪ انصاف جي اڳواڻن شهباز گل جي حالت تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته شهباز گل بابت ڏکوئيندڙ ڄاڻ ملي آهي ماڻهن شهباز گل جي جسم تي تشدد جا نشان ڏٺا آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته اسلام آباد پوليس ۽ آءِ جي جو رويو ڪنهن کان لڪل ناهي، انسان کان غلطي ٿي ويندي آهي پر ان جي لاءِ قانون آهي کيس صفائي پيش ڪرڻ جو به موقعو ملڻ گهرجي.ٻئي طرف شبلي فراز الزام لڳايو آهي ته شهباز گل جي ميڊيڪل رپورٽ ڪوڙي آهي، وفاقي حڪومت ۽ پمز انتظاميه رپورٽ تبديل ڪري رهيا آهن.جڏهن ته شهباز گل جي وڪيل فيصل چوڌري چيو آهي ته اسان جون سموريون ايس او پيز پوليس سان طئي هيون. ان جي باوجود ملاقات نه پئي ڪرڻ ڏني وڃي خبر ناهي ته شهباز گل پمز اسپتال ۾ آهي به يا نه.










