لاهور(ويب ڊيسڪ) موٽر وي پوليس جي ترجمان موجب، خميس ڏينهن شيخوپوره جي علائقي خانقاه ڊوگران انٽرچينج وٽ ايم-2 موٽر وي تي ڪار جي ٽڪر ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ وزيراعظم جو اڳوڻو خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل معمولي زخمي ٿي پيو. واقعي بعد شهباز گِل چيو ته اها کيس قتل ڪرڻ جي ڪوشش هئي، اهو واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن هڪ تيز رفتار گاڏي سندس ڪار سان ٽڪرائجي وئي. موٽر وي موجب حادثي3 ۾ ڪار ۾ سوار 4 ڄڻا معمولي زخمي ٿيا آهن. جڏهن ته گل جي دعويءِ آهي ته گاڏي ڪافي دير کان سندن پيڇو ڪري رهي هئي ۽ پويان ٽڪر هڻڻ بعد گاڏي فرار ٿي وئي.
مشهور خبرون










