اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري دعويٰ ڪئي آهي ته جيڪڏهن شهباز شريف مولانا فضل الرحمان کي نه سنڀالي سگهيو ته حڪومت نه هلندي.احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته اسان به فارم 47 جا ايم اين اي ٿي سگهون ها پر اسان جو پنهنجو طريقو آهي، جنهن جي سزا ملي رهي آهي.فواد چوڌري چيو ته سمورا ڪيس ختم ٿي ويا ته 9 مئي جي واقعن تي به ڪيس هلايا ويندا.فواد چوڌري چيو ته جيڪڏهن شهباز شريف فضل الرحمان کي سنڀالي نه سگهيو ته حڪومت نه هلي سگهندي.اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن فضل الرحمان لانگ مارچ جو اعلان ڪيو ته حڪومت اڳتي نه وڌي سگهندي.










