لاهور (ويب ڊيسڪ) ايئرپورٽ تي اميگريشن اختيارين مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف کي لندن رواني ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب اميگريشن اختيارين شهباز شريف کي چيو ته اسان جي سسٽم ۾ اوهان اڃان تائين بليڪ لسٽ آهيو جنهن کان پوءِ خانگي ايئرلائن شهباز شريف کي آف لوڊ ڪري ڇڏيو. شهباز شريف ان موقعي تي چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جو آرڊر آهي. هڪ ڀيرو ٽريول جي اجازت ڏني وئي آهي. صدر مسلم ليگ(ن) ايئرپورٽ اختيارين کي عدالت جا حڪم به ڏيکاريا. ان موقعي تي مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ عطا تارڙ ايف آءِ اختيارين کي صورتحال کان آگاهه ڪيو ويو ۽ عدالتي حڪم نامو به پڙهي ٻڌايو. هن دعويٰ ڪئي ته ايف آءِ اي اهلڪار عدالت ۾ موجود هئا. ايف آءِ اي کي فيصلي جي خبر هئي. ان بنياد تي شهباز شريف کي نٿو روڪي سگهجي. ٻئي طرف مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته ايف آءِ اي عمران خان جي حڪم تي توهين عدالت ڪري رهي آهي. ايف آءِ اي شهباز شريف جي نالي هڪ ٻئي لسٽ ۾ داخل ڪري ڇڏيو آهي. سسٽم اپ ڊيٽ نه ٿيڻ جي بنياد تي روڪي ڇڏڻ بدنيتي آهي.
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، ترجمان
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو