شهباز شريف جي عبوري ضمانت ۾ 23 جولاءِ تائين واڌ

لاهور (ويب ڊيسڪ) آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس ۾ قومي اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ميان شهباز شريف جي عبوري ضمانت ۾ 23 جولاءِ تائين واڌ ڪئي وئي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻيءَ دوران شهباز شريف پاڻ به پيش ٿيو، نواز ليگ اڳواڻ به پهتا، شهباز شريف جي پيشيءَ جي موقعي تي ليگي ڪارڪنن جي نعريبازي، پوليس ۽ ڪارڪنن ۾ منهن ماري به ٿي، عدالت شهباز شريف جي عبوري ضمانت ۾ 23 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو