لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته جيترا ڀيرا به شهباز شريف کي گرفتار ڪيو ويو ان جو ڏوهه صرف نواز شريف سان وفا جو نڪتو.سماجي رابطن جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي شيئر ڪيل پيغام ۾ مريم نواز چيو ته 10 سال ڪٿي به ناانصافي جو ٻڌي پهچي ويندڙ کي آخرڪار انصاف ملي ويو. مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو ته شهباز شريف جو مقابلو ڪرڻو آهي ته خدمت ۾ ڪريو، ڪوڙن ڪيسن جي ذريعي خدمت جا نشان نٿا مٽائي سگهجن.واضح رهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف جي اڄ ضمانت منظور ڪئي آهي جنهن جي رد عمل ۾ مريم نواز توئٽ ڪندي شهباز شريف جي تصوير شيئر ڪئي ۽ لفظ سرخرو جو به استعمال ڪيو.










