شنوائي تان موٽندڙ 2 ڀائر کنڀجي ويا، وارثن جو احتجاج

نوشهروفيروز(ڊ ر) سيشن ڪورٽ ۾ شنوائي تي آيل ٻن ڀائرن وزير ۽ خالد ڀرٽ کي پوليس کنڀي غائب ڪري ڇڏيو. ڳوٺاڻن جي درخواست تي جڊيشنل مئجسٽريٽ ٿاڻي تي ڇاپو هنيو پر ڇاپي کان اڳ پوليس کنڀيلن کي ٿاڻي مان ڪڍي وئي. ان سلسلي ۾ پوليس هٿان کنڀيل ڳوٺ عالم جا ڀاڻ جي رهواسي ڀائرن جي سالن مهربان ۽ ضمير ڀرٽ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد ٻڌايو ته علائقي جي بااثر شخص راڻي ڀرٽ ٻنهي ڀائرن تي چوري جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو هو ۽ انهيءَ ڪيس ۾ ٻئي ڄڻا ضمانت تي آزاد ٿيل هئا ۽ اڄ جيئن ئي شنوائي تي عدالت پهتا ته ڪورٽ جي ٻاهران اڳواٽ بيٺل ايس ايڇ او نوشهروفيروز محمد حنيف مهر ٻنهي ڳوٺاڻن کي کنڀي پوليس موبائيل ۾ کڻي ويو ۽ کين غائب ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته سندن درخواست تي جڊيشنل مئجسٽريٽ نوشهروفيروز حيدر علي ڀيو نوشهروفيروز ٿاڻي تي ڇاپو هنيو پر پوليس ٻنهي ڀائرن کي ڇاپي کان اڳ نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته ٻنهي ڀائرن جي حياتي خطري ۾ آهي ۽ کين خدشو آهي ته پوليس علائقي جي بااثر ماڻهو جي چوڻ تي ٻنهي ڀائرن کي نقصان پهچائيندي. هنن چيو ته کنڀيل ڀائرن کي ظاهر ڪري آزاد ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو