مهانگائي جي هفتيوار شرح 40.58 سيڪڙو رڪارڊ

مهانگائي جي هفتيوار شرح 40.58 سيڪڙو رڪارڊ

اسلام آباد ( بيورو) شماريات کاتي هفتيوار مهانگائي جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا، جنهن موجب مهانگائي جي هفتيوار شرح ۾ 0.19 سيڪڙو جي معمولي لاٿ آئي جڏهن ته مهانگائي جي هفتيوار شرح 40.58 سيڪڙو رهي. شماريات کاتي ٻڌايو ته هڪ هفتي دوران ٽيهه شين جي اگهن ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، چانهه جي پتي، مڱن جي دال، ماش جي دال، آنا، اٽو ۽ چانور مهانگا ٿيا. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مڱن جي دال جي في ڪلو قميت ۾ اٺ رُپيا 31 پئسا واڌ جڏهن ته هڪ هفتي دوران في درجن آنن جي قيمت 235 رُپين مان وڌي 242 ٿي وئي آهي. اهڙي نموني ويهه ڪلو اٽي جي ٿيهلي هڪ هفتي دوران 25 رُپيا 41 پئسا مهانگي ٿي، ماش جي دال جي في ڪلو اگهه ۾ ڇهه رُپيا چوٽيهه پئسا واڌ ٿي، جڏهن ته گوشت ٻه رُپيا مهانگو ٿيو. شماريات کاتي موجب مٽن جي في ڪلو قيمت ۾ ٽي رُپيا 98 پئسا واڌ ٿي، هفتي دوران ڏهن شين ۾ لاٿ ۽ يارنهن شين جي اگهن ۾ استحڪام رهيو. رپورٽ موجب بصرن ۽ ٽماٽن جي في ڪلو قيمت ۾ 16 رُپين تائين لاٿ آئي، جڏهن ته ايل پي جي جو گهريلو سيلنڊر 80 رُپين تائين سستو ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو