شفاف چونڊن ۾ بدنيتي ٿيندي ته مداخلت ڪبي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ سي سي پي او لاهور بدلي ڪيس ۾ رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته آڊيو ٽيپ ذريعي عدليه کي بدنام ڪيو پيو وڃي، انهن آڊيو ٽيپس جي ڪا به اهميت ناهي، صبر ۽ درگزر کان ڪم وٺي رهيا آهيون. درخواست واپس وٺڻ تي عدالت اڪلائي ڇڏي. ٻڌڻي دوران وڪيل اليڪشن ڪميشن چيو ته نگران حڪومت جي قيام کانپوءِ چونڊ شيڊول جاري ڪيو ويو آهي، صاف ۽ شفاف چونڊون اسان جي ذميواري آهي، بيوروڪريسي ۾ تبديليون ڪرڻ به اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي. چيف جسٽس چيو ته ثابت ٿي ويو آهي ته نگران حڪومت اليڪشن ڪميشن جي اجازت سان تبادلا ڪندي آهي، اليڪشن ڪميشن پاڻ ئي نگران حڪومت کي تبادلي جا حڪم ڏئي سگهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن آئيني ادارو آهي جنهن جو تحفظ ڪنداسين، اليڪشن ڪميشن کي آئين تحت اختيار حاصل آهن، اليڪشن ڪميشن جو مقصد شفاف چونڊون ڪرائڻ آهي، جيڪڏهن شفاف چونڊن ۾ ڪا به بدنيتي ٿيندي ته عدليا مداخلت ڪندي. سڀني پارٽين کي ليول پليئنگ فيلڊ ملڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو