شعيب اختر جي دبئي ۾ مشهور ڀارتي شخصيتن سان ملاقات

دبئي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر دبئي ۾ ڀارت جي عظيم گلوڪار جاويد اختر ۽ ليجنڊ اداڪار رضا مراد سان ملاقات ڪئي.شعيب اختر سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي رضا مراد ۽ جاويد اختر سان ملاقات جون تصويرون شيئر ڪيون آهن.شعيب اختر پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته شارجه انٽرنيشنل بڪ فيئر دوران جاويد اختر ۽ رضا مراد سان ڪجهه وقت گذارڻ جو موقعو مليو.هن چيو ته ملاقات ۾ اردو ٻولي جي خوبصورتي ۽ ان جي مستقبل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.اڳوڻي فاسٽ بالر جو اهو به چوڻ آهي ته جاويد اختر ۽ رضا مراد سان ملاقات منهنجي لاءِ اعزاز آهي، مون کي انهن مان گهڻو ڪجهه سکڻو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو