شرپسند الزام هڻي برادري جهيڙا ڪرائڻ چاهين ٿا؛ امام علي ڀرٽ

شرپسند الزام هڻي برادري جهيڙا ڪرائڻ چاهين ٿا؛ امام علي ڀرٽ

نوشهروفيروز(مشتاق حسين مري) ساهتي پرڳڻي جي زميندار ۽ هاءِ ڪورٽ جي وڪيل امام علي ڀرٽ چيو آهي ته ڳوٺ عبدالۡڪريم ڀرٽ ۾ پسند جي شادي ڪندڙ اشفاق ڀرٽ ۽ وسيما سولنگي معاملي سان کيس زبردستي ڳنڍيو پيو وڃي. حقيقت هي آهي ته سندس ان معاملي سان ڪوبه تعلق ناهي. پريس ڪلب نوشهروفيروز ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڄاڻايل جوڙي ڪجهه مهينا اڳ پسند جي شادي ڪئي هئي جنهن ڪري سولنگي برادري جي ڪجهه ماڻهن ناري کي واپس ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو هو کيس به چيو هو جنهن تي هن ٻنهي ڌرين کي وچ ۾ پوڻ کان جواب ڏيندي چيو هو ته معاملو عدالت ۾ هلندڙ آهي جنهن ڪري هو ٻنهي ڌرين جو ساٿ نه ڏيندو. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو کيس هروڀرو معاملي ۾ گهلي رهيا آهن ۽ مٿس ٻيلي کاتي جي زمين تي قبضا ڪرڻ سميت مختلف الزام هڻي رهيا آهن ۽ علائقي ۾ برادري جهيڙا ڪرائڻ کي هٿي ڏئي رهيا آهن ۽ سندس خلاف ميڊيا ٽرائيل به ڪري رهيا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن سندس خاندان مان ڪير به ڄاڻايل مسئلي ۾ ڌر بڻيو ته سندس انهن سان به ڪو تعلق نه رهندو. هن چيو ته هو شروع کان وٺي ڪنهن جي به ڌر ناهي رهيو ڇاڪاڻ ته ٻئي ڌريون سندس پاڙي جون آهن ۽ هو پڙهيل لکيل ماڻهو آهي ان ڪري ڌرين کي اپيل ٿو ڪري ته معاملي کي عدالتن ذريعي نبيرين ته بهتر ٿيندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو