شري ڪرشن مهراج جي ميلي ۾ ملڪي سلامتي جون دعائون

بخشاپور(سھيل جان ڊومڪي) بخشاپور ۾ ھنڌن جي مرشد بال گوپال شري ڪرشن ديو مھراج جي جنم ڏھاڙي وارو ساليانو ميلو پنهنجي پڄاڻي تي پھتو جنم ڏھاڙي وارو ميلو شيران والي ماتا مندر ۾ وڏي جوش جذبي ۽ عقيدت احترام سان ملھايو ويو جنم ڏھاڙي واري ميلي ۾ ھنڌو برادري جي سوين مردن عورتن توڙي ٻارن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته ڀڳتن ڪندن داس، سنجي ڪمار، مھيندر لال، مھيش ڪمار، اميت ڪمار ، رنجيت ڪمار ۽ ٻيا ڀڳت شري ڪرشن ديو مهراج جي شان ۾ ڀڄن ڳائي پنڊال ويٺل عقيدتمندن کي آنند وٺرائي ڇڏيو   جڏهن ته ميلي ۾ ھنڌو پنچائت جي مکي نريش ڪمار ھنڌو پنچائت جي اڳواڻن ڀواني لال ـ بابو لال ـ شام لال ـ اميت ڪمار ۽ ٻين شري ڪرشن ديو جي جنم ڏھاڙي جو ڪيڪ ڪاٽيو ميلي جي پڄاڻي ملڪ جي سلامتي لاء خاص دعا گھري لنگر پرساد ورھائي ڪئي وئي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو